شڪارپور جي تاريخي ورثي سان محبت ڪندڙ سڀني دوستن کي دعوت ڏجي ٿي تہ
شڪارپور هيريٽيج واڪ ۾ شريڪ ٿيو جنهن دوران شهر جي قديم ماڳن، تاريخي عمارتن، دروازن، ڍڪ بازار ۽ شاندار ثقافتي ورثي بابت ڄاڻ پڻ ڏني ويندي.
هي واڪ شڪارپور جي شاندار ماضي، بين المذهبي هم آهنگي ۽ ثقافتي حسن کي ويجهڙائي سان ڏسڻ جو بهترين موقعو آهي. سڀني شاگردن، استادن، محققن، تاريخ سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ شهرين کي دل جي گهراين سان شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.